ڪيترن ئي ڊورن کي گڏ اڏائيندڙ ۽ چارج ڪندڙ چادر

ٽلي: ننڍن ۽ رنگ برنگي روشنين وارا ڊورن جا ڪرتب هاڻ عام ڳالهه ٿي وئي آهي، اهڙا ڊرون بار بار بجلي گهرن ٿا ۽ هاڻ اٽلي جي انجنيئرن گڏ ڪيترن ئي ڪواڊڪاپٽرز کي چارج ڪندڙ چادر ٺاهي ورتي آهي.
ان کي فلائنگ ڊرون بلينڪٽ جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن کي اطالوي ڪمپني ڪارلولاٽي ۽ ايسوشياٽي ڊروز ٺاهيندڙ ڪمپني فلاءِ فائر جي سهڪار سان ٺاهيو ويو آهي، ان ۾ هر هڪ چادر کي ويڙهي بيگ ۾ به رکي سگهجي ٿو ، هڪ ئي وقت 16 ڪواڊ ڪاپٽرز کي آساني سان چارج ڪري سگهجي ٿو ۽ سمورا ڊرونز هڪ ئي پاور سپلاءِ سان چارج ڪري سگهجن ٿا.
جيڪڏهن ڊرون اڃان به گهڻا آهن ته هڪ، ٻه، ٽي يا ان کان وڌيڪ چادرون ڳنڍي ڊرون کي ان تي ويهاري سگهجي ٿو، اهڙي طرح 10 هزار ڊرونز کي چارج ڪري سگهجي ٿو، هر ڊرون 45 درجا زاويي تي گهمي ٿو ۽ چارجنگ لاءِ ٻيهر 45 درجي تي ئي لهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔