ماڻهن جي ميڙ ۾ دپيڪا کان بيگ کسڻ جي ڪوشش

ممبئي: سوشل ميڊيا پيلٽ فارم انسٽاگرام تي بالي ووڊ اداڪاره دپيڪا پڊڪون جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ريسٽورينٽ کان ٻاهر گاڏي ۾ ويهڻ وقت عورت دپيڪا کان بيگ کسڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
هيءَ وائرل وڊيو گذريل ڏينهن دپيڪا پڊڪون جي ممبئي جي هڪ ريسٽورينٽ کان ٻاهر نڪرڻ وقت جي آهي جڏهن ته معمول موجب مداح ڏسي کيس ڏانهن ديوانن وانگي ڀڳا
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته دپيڪا جو گارڊ هن کي ميڙ مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ آهي، ان دوران هڪ عورت دپيڪا کي ٽشو جي آڇ ڪندي اڳتي وڌي ۽ پوءِ بيگ کسڻ جي ڪوشش ڪئي.
ان واقعي تي ادڪاره گهٻرائجي وئي ۽ ان جي گارڊ تڪڙو بيگ واپس ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔