عمر اڪمل تي هڪ سال جي پابندي ۽ ٻائيتاليهه لک ڏنڊ جي سزا

لاهور: عالمي ثالثي عدالت عمر اڪمل تي 12 مهينن جي پابندي ۽ 42 لک 50 هزار روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو.
عاولمي ثالثي عدالت انڊپينڊنٽ ايڊجوڊيڪٽر جي فيصلي خلاف پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ عمر اڪمل پاران دال ڪيل اپيلن تي فيصلو ٻڌايو آهي، فيصلي موجب پي سي بي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي شق 2.4.4 جي هڪ دفعو ٻيهر خلاف ويزي ڪندي عمر اڪمل تي پابندي هڻي ڇڏي.
20 فيبروري 2020 تي معطلي جو شڪار عمر اڪمل هاڻ 42 لک 50 هزار روپيا جي رقم جمع ڪرائڻ سان گڏ پي سي بي جي سيڪيورٽي ۽ اينٽي ڪرپشن ڊپارٽمينٽ جي طئي ٿيل هيب پرگرام تي عمل ڪندو پوءِ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اهل ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔