سنڌ اسيمبلي مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو، حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرز جون الرون

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ دعا دوران ميمبرز جو جهيڙو شروع ٿي ويو، حڪومت ۽ اپوزيشن ميمبرز جون هڪٻئي تي اُلرون، صوبائي وزير تيمور ٽالپر اپوزيشن ميمبرز کي جهيڙي لاءِ سڏيندو رهيو، اسپيڪر جي رولنگ ۽ وارننگ باوجود ميمبرن دعا دوران جهيڙو ختم نه ڪيو، صوبائي وزير تيمور ٽالپر سوالن جا جواب ڏئي رهيو هو ته پي ٽي آءِ ميمبرز نالائق سڏيو، جواب ۾ تيمور ٽالپر وزيراعظم عمران خان کي چور سڏيو ته پي ٽي آءِ ميمبرز سيٽس تان اُٿي ويا، تيمور ٽالپر، مُڪيش ڪمار چاولا ۽ ٻيا حڪومتي ميبمرز به اپوزيشن ميمبرز ڏانهن وڌي ويا، پي ٽي آءِ ميمبرز جون به اُلرون، ايوانِ ۾ صورتحال ڪنٽرول نه ٿيڻ تي اسپيڪر دعا شروع ڪرائي ڇڏي، اسپيڪر آغا سراج دُراني ميمبرز کي وارننگ ڏيندي چيو ته منهنجي رعايت جو غلط استعمال نه ڪريو، دعا دوران جهيڙو برداشت جوڳو عمل نه آهي، منهنجي اجازت جو غلط استعمال نه ڪريو، اجلاس دوران صوبائي وزير مُڪيش ڪمار چاولا ۽ پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شير زمان ۾ منهن ماري ٿي، ٻنهي ميمبرز هڪٻئي تي سنگين الزام ۽ اُلرون به ڪيون، پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شير زمان چيو ته مُڪيش ڪمار چاولا سموري صوبي ۾ شراب خانه کولي ڇڏيا آهن، کيس چئو ته دعا جي وچ ۾ نه ڳالهائي، صوبائي وزير مُڪيش ڪمار چاولا، خرم شير زمان تي تيز ٿيندي چيو ته هنن جا ريسٽورنٽس به بند ٿيڻ گهرجن، جتي ماڻهن کي خراب کاڌو ڏنو وڃي ٿو، جهيڙو وڌڻ تي مُڪيش ڪمار چاولا، پي ٽي آءِ ايم پي اي کي شٽ اپ ڪال ڏئي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔