ڪراچي ۾ حساس ادارن جي ڪارروائي، ايم ڪيو ايم لنڊن جو دهشتگرد گرفتار

ڪراچي: عزيز آباد ۾ حساس اداري جي مدد سان ڪارروائي ڪندي سي ٽي ڊي ايم ڪيو ايم لنڊن جي دهشتگرد ياسيم عرف ڪامران عرف بٽ عرف ڊاڊا کي گرفتار ڪري ورتو. سي ٽي ڊي موجب گرفتار دهشتگرد پوليس هلڪار عارف ۽ سندس دوست اڪبر جي ريڪي ڪئي بعد ۾ شڪيل سپنا گروپ جي ٽارگيٽ ڪلرز کين قتل ڪري ڇڏيو. سي ٽي ڊي انچارج موجب دهذشتگرد 2008ع ۾ پي پي آءِ جي ذاڪر کي قتل ڪيو، جڏهن ته هو بلديه سانحي جي مرڪزي ملزم رحمان ڀولا جو ويجهو ساٿي پڻ آهي، ملزم قتل جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔