احسان الله احسان جي فرار ٿيڻ ۾ ملوث فوجين خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي: آءِ ايس پي آر جي ڊي جي ميجر جنرل افتخار بابر چيو آهي ته ڪجهه سال اڳ ڪالعدم تحريڪ طالبان جي اڳواڻ احسان الله احسان جي پاڪ فوج جي تحويل مان فرار ٿيڻ واري واقعي ۾ ملوث فوجي آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ميجر جنرل بابر افتخار جو چوڻ هو ته احسان الله احسان جو فرار ٿيڻ انتهائي سنگين معاملو هو ۽ ان بابت مڪمل جاچ ڪرڻ کانپوءِ ذميوار فوجي آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته احسان الله اهسان جي ٻيهر گرفتاري جون ڪوششون به جاري آهي، في الحال کيس خبر ناهي ته هو ڪٿي آهي. احسان الله احسان پاران نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي کي ڏنل ڌمڪي جي سوال جي جواب ۾ فوج جي ترجمان چيو ته سندس ڄاڻ موجب جنهن ٽويٽر اڪائونٽ تان ملاله يوسفزئي کي ڌمڪي ڏني وئي، اهو جعلي هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔