پي ايس ايل: لاهور قلندرز هٿان پشاور زلمي کي شڪست

ڪراچي : پاڪستان سپر ليگ جي ٻي ميچ ۾ لاهور قلندرز جي ٽيم پشاور زلمي کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ لاهور قلندرز ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ دعوت ملڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي پشاور زلمي مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 140 رنسون ٺاهيون.
پشاور زلمي طرفان روي بوپارا بهترين بيٽنگ ڪندي 50 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته شعيب ملڪ ۽ رٿ فورڊ 26-26، عماد بٽ 23 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا.
لاهور طرفان شاهين آفريدي 3، سلمان مرزا 2 ۽ ڊيوڊ ويسي هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ لاهور جي ٽيم گهربل هدف 6 وڪيٽن جي نقصان تي 18.3 اوورن ۾ پورو ڪري ورتو.
فاتح ٽيم طرفان محمد حفيظ 33 ۽ راشد خان 27 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا.
واضح رهي ته پي ايس ايل جي افتتاحي ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز جي ٽيم ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي شڪست ڏني هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔