اين اي 75 جا سمورا نتيجا شڪي ٿي ويا آهن:ٻيهر پولنگ ڪرائي وڃي: احسن اقبال

ڊسڪه: (ن) ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته اين اي 75 ۾ جعلسازي سان نتيجا تيار ڪيا ويا. پريزائيڊنگ آفيسرز کي اغوا ڪيو ويو. انڪوائري ٿيڻ گهرجي ته ڪن ماڻهن اهو ڪم ڪيو. ان پولنگ اسٽيشنن ۾ ٻيهر پولنگ ٿيڻ گهرجي.

پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ احسن اقبال ڊسڪه ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف ڌانڌلي ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي. ڪجهه پولنگ اسٽيشنن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پولنگ بند رکي وئي. فردوس عاشق اعواڻ  نتيجا بدلائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن پهتي.  تحريڪ انصاف ڪارڪنن فردوس عاشق اعواڻ جي رويي جي مذمت ڪئي. اين اي 75 ڊسڪه ۾ آر او چونڊ نتيجا روڪي ڇڏيا. سرڪاري دٻاءُ برداشت ڪرڻ تي ريٽرننگ آفيسر جي تعريف ڪريون ٿا.

احسن اقبال چيو ته اليڪشن ڪميشن فردوس عاشق اعواڻ جي ڪنڊڪٽ جو نوٽيس وٺي. اين اي  75 جو سمورو نتيجو شڪي ٿي ويو. جتي پولنگ بند هئي اتي ٻيهر پولنگ ڪرائي وڃي. ٻئي طرف پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب سماجي رابطي جي ويب سائٽ تي ٽوئٽ ڪندي چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صرف ووٽ نه، اليڪشن ڪميشن جو عملو به چوري ٿي ويو. سمورو ڏينهن پولنگ اسٽيشنن تي حڪومتي بدمعاشي جا منظر عوام ڏٺا. پولنگ ايجنٽس، پولنگ بيگ سميت گم ٿي ويو.

مريم اورنگزيب چيو ته اليڪشن ڪميشن جو پنهنجو پولنگ عملو اليڪشن ڪميشن جي پهچ کان پري آهي. اليڪشن ڪميشن بي وس، ريٽرننگ آفيسر يرغمال، ڇا شفاف اليڪشن آهي؟ عمران صاحب شڪست ملڻ تي اليڪشن ڪميشن جو عملو چوري ڪرايو، اليڪشن عملي جي چوري جي ايف آءِ آر عمران خان ۽ بزدار صاحب تي ڪٽجڻ گهرجي.

ليگي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته اتو، کنڊ، بجلي، گيس، دوا، ووت چورن اليڪشن عملي کي به چوري ڪري ورتو. هن وڌيڪ چيو ته رياست ووٽ جي چوري ۾ مصروف آهي اها قومي بدقسمي آهي.  هن چيو  ته اوهان جي مرضي جيڪو به ڪريو، پر سوڀ(ن)  ليگ جي ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔