سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ ٻين کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، حاضري لڳائي واپس موڪليو ويو

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ ٻين کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي حاضري لڳائي واپس موڪليو ويوم ٻڌڻي دوران جج خالده ياسين حليم عادل شيخ جي وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا هن کي نانگ مارڻ نٿو اچي، پير رکي ڇڏي ها، جنهن تي حليم عادل شيخ جي وڪيل چيو نانگ ته سنڌ حڪومت آهي، جيڪڏهن نانگ کي ماري ڇڏي ها ته حڪومت لڏي وڃي ها، معززجج چيو مان ان نانگ جي ڳالهه پئي ڪيان جيڪو هن جي ڪمري ۾  ڇڏيو ويو هو، معزز جج ريمارڪس ڏنا ته منهنجي مڙس کي ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي به آفر ڪيو، مان کيس چيو ته منهنجو مڙس ٿي رهڻو آهي يا نه، ڇو ٿو ڪري سياست، وڪيل چيو ته اپوزيشن ليڊر آهي، ان جي خلاف وڌيڪ ڪيس ٺاهڻ کان روڪيو وڃي، معزز جج چيو ته سياست نه ٿيڻ گهرجي، يا ته جيل ويندو يا ساهرن جي گهر، ٻيو ڪو به آپشن نه آهي، ٻڌڻي دوران عدالت پوليس جي استدعا رد ڪندي حليم عادل شيخ ۽ ٻين جوابدارن جو جسماني ريمانڊ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ جوابدارن کي عدالتي ريمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت جاچ آفيسر کان پڇيو ته هنن جو وڌيڪ ريمانڊ ڇو کپي، ڇا وڌيڪ جوابدار گرفتار ڪرڻا آهن، جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته سي آر او ڪرائڻو آهي، گاڏيون برآمد ڪرڻيون آهن، عدالت چيو ته ڪٿي لکيل آهي ته گاڏيون برآمد ڪرڻيون آهن، ٻيو جاچ آفيسر ڪٿي هي جنهن پهريان هنن کي گرفتار ڪيو، جاچ آفيسر چيو ته اي ٽي اي لڳڻ بعد ڪيس مون وٽ آيو، جاچ آفيسر چيو ته واقعي واري جاءِ تي هي ڪنهن گاڏي تي آيو هوندوان جي ڪري چوان ٿو، جج چيو ته توهان چئو ٿا توهان کي ماريو ۽ ڪٽيو ويو آهي، ڪير زخمي ٿيو،؟ جاچ آفيسر چيو ته 2 اهلڪار زخمي ٿيا، معزز جج چيو ته فائل ۾ ڏيکاريوڪٿي لکيل آهي ته 2 اهلڪار زخمي ٿيا، نالا ٻڌايو انهن جا جنهن تي هو خاموش رهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔