سينيٽ چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ مڪمل: سينيٽ لاءِ 148 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور

اسلام آباد : سينيٽ چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ مڪمل: سينيٽ لاءِ 148 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظورڪيا ويا، اليڪشن ڪميشن موجب جنرل سيٽس لاءِ 87 مان 77، ٽيڪنوڪريٽس جي 33 مان 20، عورتن جي سيٽس لاءِ 40 مان 34 ۽ اقليتن جي سيٽس تي 10 اُميدوارن جا ڪاغذ منظور ٿيا آهن، اسلام آباد جي 6 جنرل سيٽس مان 5 ۽ عورتن جي سيٽس تي 4 اُميدوارن جا ڪاغذ درست قرار: اميدوار نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف سڀاڻي اليڪشن ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪري سگهندا، 24 فيبروري تي اُميدوارن جي حتمي فهرست جاري ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔