ملير ۾ چونڊن دوران حليم عادل شيخ هٿياربندن سان گڏ هليو ويو: ناصر حسين شاهه

ڪراچي : ملير ۾ چونڊن دوران حليم عادل شيخ هٿياربندن سان گڏ هليو ويو، اليڪشن ڪميشن صورتحال ڏسي کيس تڪ مان نيڪالي ڏني هئي، اُن سنڌ حڪومت جو ڪوبه ڪردار نه آهي، ڪير به قانون کان مٿي نه آهي ۽ ڪنهن سان به زيادتي ٿيڻ نه ڏينداسين، صوبائي وزير ناصر شاهه، حليم عادل تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ اوپن بيلٽ جون ڳالهيون اُهي ڪري رهيا آهن، جِن کي پنهنجي ماڻهن تي اعتماد ناهي، پي ٽي آءِ سينيٽ چونڊن ۾ ٻين ماڻهن کي آڻڻ گهري ٿي، پي ٽي آءِ جي پنهنجن ماڻهن ئي سندن اُميدوارن تي اعتراض واري ڇڏيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔