ميانمار ۾ فوجي بغاوت خلاف آمريڪا نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون

واشنگٽن: آمريڪا ميانمار ۾ فوجي حڪومت قائم ڪندڙن تي نيون پابنديون لاڳو ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.آمريڪا طرفان اڳ ئي پابنديون لاڳو ڪرڻ جو اشارو ڏنو ويو هو. عالمي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته هو هڪ حڪمنامو جاري ڪري رهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ميانمار ۾ فوجي بغاوت ڪندڙ جرنلن کي آمريڪا ۾ موجود هڪ ارب ڊالرز جي اثاثن تائين پهچ حاصل نه ٿي سگهندي. خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب آمريڪي صدر جوبائيڊن ان ڳالهه جو به واضح طور تي اشارو ڏنو هو ته هو هن سلسلي ۾ وڌيڪ قدم به کڻي رهيا آهن.آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته فوج کي اقتدار کان ڌار ٿيڻ گهرجي ۽ برما جي عوام جي مرضي جو احترام ڪرڻ گهرجي. ميانمار ۾ ٿيندڙ فوجي بغاوت کان پوءِ لکين ماڻهو روڊن تي آهن ۽ هو فوجي بغاوت جي خلاف مظاهرا ۽ احتجاج ڪري رهيا آهن. ميانمار جي فوج گذريل هفتي تصديق ڪئي هئي ته هنن ملڪ جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي.فوج طرفان چيو ويو هو ته نيشنل ليگ آف ڊيموڪريسي جي اڳواڻ آنگ سان سوچي سميت ٻين اڳواڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ميانمار جي فوج طرفان جاري ڪيل بيان ۾ اهو به چيو ويو هو ته هنن ملڪ ۾ ايندڙ سال جي لاءِ هنگامي حالتون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔