فالج جي خطري کي ڪيئن گهٽ ڪري سگهجي ٿو؟

لنڊن: فالج هڪ انتهائي خطرناڪ مرض آهي جيڪو صرف جسم جي ڪنهن حصي کي مفلوج نٿو ڪري پر موت جو به سبب بڻجي سگهي ٿو.فالج دماغ کي رت پهچائڻ ۾ رنڊڪ پيدا ٿيڻ سبب ٿيندو آهي. جيڪڏهن دماغ کي رت پهچڻ بند ٿي وڃي ته رنڊڪ پيدا ٿيندي آهي جنهن سبب دماغ جا سيل مرڻ شروع ٿي ويندا آهن جيڪو فالج جو حملو هوندو آهي ۽ ان سان موت به واقع ٿي سگهي ٿي. فالج جي نشانين ۾ مٿي ۾ سور، چڪر اچڻ، اکين جي روشني ۾ گهٽتائي، ڳالهائڻ ۾ پريشاني وغيره شامل آهي. پنهنجي روزاني جي زندگي دوران ڪجهه تبديلين سان فالج جي خطري کي ڪنهن حد تائين گهٽ ڪري سگهجي ٿو. پهريان اسان کي پنهنجي کاڌي پيتي جي شين ۾ ڪوليسٽرول کي گهٽ ڪرڻو پوندو آهي جنهن ۾ فروٽ، سبزيون، مڇي، چرٻي کان پاڪ گوشت ۽ ٻيون شيون شامل آهن. جنهن سان نسن ۾ مواد جمع ٿيڻ جو امڪان گهٽ هوندو آهي جنهن سبب فالج جي خطري کان بچي سگهجي ٿو.تحقيق موجب روزاني هڪ صوف جو استعمال جتي اوهان کي مختلف بيمارين کان محفوظ رکندو آهي اتي فالج جو خطرو به 50 سيڪڙو گهٽ ڪري ڇڏيندو آهي. صوف ۾ فائبر ۽ ٻيا وٽامن اينٽي آڪسائيڊنٽ هوندا آهن. جڏهن ته ٽماٽي جو استعمال به اوهان کي فالج جهڙي مرض کان محفوظ رکي سگهي ٿو. تحقيق موجب ٽماٽي ۾ لائيڪوپين نالي اينٽي آڪسائيڊنگٽ هوندو آهي جنهن سبب فالج جو خطرو 55 سيڪڙو گهٽ ٿي ويندو آهي.ماهرن روزاني اڌ چمچو لوڻ استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي پر ان مقدار کان وڌيڪ لوڻ جو استعمال نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿو ڇو ته لوڻ جو وڌيڪ استعمال فالج جو خطرو وڌائڻ جو سبب بڻجندو آهي.ان حوالي سان ماهرن وڌيڪ چيو آهي ته هڪ حد تائين چاڪليٽ جو استعمال به فالج جي خطري کي ختم ڪندو آهي ڇو ته چاڪليٽ اينٽي آڪسائيڊنش سان ڀرپور هوندي آهي جيڪو رت جي شريانن کي ٿيندڙ نقصان کي وڙهڻ ۽ رت جا لوٿڙا بنجڻ کي روڪڻ ۾ مدد ڪندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔