ٽوئٽر انتظاميه پاڪستاني صارفين سان تعصباڻي رويي تي غور ڪري: پي ٽي اي

اسلام آباد: پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي(پي ٽي اي) سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر جي انتظاميه سان رابطو ڪيو آهي.رپورٽ موجب پي ٽي اي ٽوئٽر جي انتظاميه طرفان بلاڪ ڪيل پاڪستاني صارفين جي اڪائونٽن بابت رابطو قائم ڪيو آهي. ان حوالي سان پي ٽي اي ترجمان ٻڌايو آهي ته پاڪستاني صارفين جا ٽوئٽر اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ جو معاملو ٽوئٽر انتظاميه سان گڏ اٿاريو ويو آهي.ان حوالي سان پي ٽي اي جي ترجمان موجب صارفين طرفان ان سلسلي ۾ 369 شڪايتون مليون آهن صارفين پنهنجا اڪائونٽس بلاڪ ۽ معطل ڪرڻ بابت پي ٽي اي کي آگاهه ڪيو هو. ان حوالي سان پي ٽي اي جي ذميواري ذريعن جو چوڻ آهي ته 280 اڪائونٽس اهڙا هئا جيڪي والاريل ڪشمير جي عوام جي حمايت ۾ پوسٽ ڪرڻ تي معطل ڪيا ويا آهن.پي ٽي اي ان حوالي سان ٽوئٽر انتظاميه کي چيو آهي ته هو پاڪستاني صارفين بابت پنهنجي تعصباڻي رويي تي غور ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔