چين ۾ ڪورونا وائرس ڪنهن به جانور مان پکڙجڻ جون شاهديون ناهن مليون: ڊبليو ايڇ او

نيويارڪ: چين ۾ موجود صحت واري عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او) جي ٽيم چيو آهي ته اڃان ڪورونا وائرس جي ڪنهن جانور مان پکڙجڻ جون شاهديون ناهن ملي سگهيون.صحت واري عالمي اداري جي ٽيم ڪورونا وائرس جي شروعات جي تحقيق جي لاءِ چين جي شهر ووهان ۾ موجود آهي جتي ان جانورن جي گوشت جي خريد ۽ وڪرو وارين مارڪيٽن ۽ ٻين هنڌن جو جائزو ورتو. هاڻ صحت واري عالمي اداري جي ٽيم ووهان ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي آهي. ٽيم جو ان حوالي سان چوڻ هو ته وبا پکڙجڻ کان پوءِ ماهرين جو خيال هو ته وائرس جانورن مان پکڙجيو آهي پر ڪورونا وائرس جي ڪنهن به جانور مان پکڙجڻ جون شاهديون اڃان تائين ناهن ملي سگهيون.ٽيم چيو آهي ته وائرس جي چين جي ليب مان پکڙجڻ واريون ڳالهيون افواهون آهن. ڊبليو ايڇ او جي ٽيم جو چوڻ هو ته ووهان ۾ ڊسمبر 2019 کان اڳ ڪورونا جو ڪوبه ڪيس اچڻ جون شاهديون ناهن مليون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔