ڪابل ۾ پوليس چيف جي گاڏي تي بم ڌماڪو، پنج ڄڻا مارجي ويا

ڪابل: افغانستان ۾ پوليس چيف جي گاڏي تي بم ڌماڪو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا.
افغان ميڊيا موجب ڪابل جي مرڪزي شاهراهه تي بلڪل ان وقت ريموٽ ذريعي ڌماڪو ڪرايو ويو جنهن وقت اتان پوليس چيف جي گاڏي گذري رهي هئي، خوفناڪ ڌماڪي ۾ پوليس چيف محمد زئي ڪوچي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.
ڌماڪي ۾ پوليس چيف جا ٻه محافظ ۽ ٻه واٽهڙو به مارجي ويا جن کي ويجهي اسپتال نيو ويو، ٻنهي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
ان واقعي جي ڪنهن به گروپ ذميواري قبول ناهي ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔