عائزه خان کانپوءِ ايمن خان جو انسٽاگرام تي راڄ

لاهور: خوبصورت اداڪاره عائزه خان کانپوءِ ايمن خان به انسٽاگرام تي 8 ملين فالوورز ٿي ويا.
اداڪاري، خوبصورتي ۽ اسٽائل ئي بس مداحن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهن، هاڻ فنڪار سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي به فعال رهي مداحن کي خوش رکڻ جو هنر سمجهي ورتو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ اداڪاره عائزه خان جا انسٽاگرام تي 8 ملين يعني 80 لک فالوورز ٿي ويا هئا جنهن کانپوءِ هوءَ انسٽاگرام تي پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ فالو ڪئي ويندڙ اداڪاره بڻجي وئي هئي.
پر ان فهرست ۾ هوءَ اڪيلي ناهي، ايمن خان به شامل ٿي وئي آهي ۽ هن جي فوٽوشيئرنگ ايپ تي 80 لک فالوورز ٿي ويا آهن.
عائزه خان کان پهريان اهو اعزاز ايمن خان وٽ ئي هو جيڪو انگ 70 لک هو هاڻ هڪ دفعو ٻيهر هوءَ اهو اعزاز حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔