پابنديون برقرار رهيون ته ٻيهر جوهري هٿيار ٺاهڻ شروع ڪنداسين:ايران

تهران: ايران خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسان تي پابنديون برقرار رهيون ته جوهري هٿيار ٺاهڻ شروع ڪنداسين.
پرڏيهي خابرو ايجنسي اي پي موجب سرڪاري ٽي وي تي ايراني انٽيليجيننس جي وزير محمود علوي چيو آهي ته ايران جوهري پروگرام ٻيهر شروع ڪري سگهي ٿو.
هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي ائين ڪنڊائتو ڪرڻ جي ڪوششن ڪئي وئي ته اهڙي قسم جو ورتاءُ ڪري سگهون ٿا.
ايراني وزير وڌيڪ چيو ته ايران جو موجوده حالتن ۾ جوهري هٿيار ٺاهڻ جو ڪو منصوبو ناهي.
ايراني وزير جو بيان اهڙي وقت ۾ آيو آهي جڏهن تازو گڏيل قومن جي اعليٰ عدالت چيو هو ته اڳوڻي امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ايران تي مڙهيل پابندين واري فيصلي کي تبديل ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔