سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران نيب ريفرنس ۾ فردوس شميم نقوي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ واري نيب ريفرنس ۾ نامزد پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي جي نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، نيب پي ٽي آءِ ڳواڻ فردوس شميم نقوي خلاف حبيب گروپ آف ڪمپنيز کي زمين الاٽ ڪرڻ واري ريفرنس ۾ جاچ ڪري رهيو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ زمين جي غير قانني الاٽمينٽ واري نيب ريفرنس پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران فردوس شميم نقوي عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.عدالت فردوس شميم نقوي جي پيش نه ٿيڻ تي سندس وڪيل کان پڇاڻوڪيو، وڪيل فردوس شميم نقوي جي پيش نه ٿيڻ بابت اڻڄاڻائي جو اظهار ڪندي چيو ته کيس خبر ناهي ته فردوس شميم نقوي ڇو نه آيو نه ئي هن ساڻس ڪو رابطو ئي ڪيو آهي.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي فردوس شميم نقوي کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌني ملتوي ڪري ڪري ڇڏي.واضح رهي ته نيب فردوس شميم نقوي خلاف حبيب گروپ آف ڪمپنيز کي زمين الاٽ ڪرڻ واريريفرنس جي جاچ ڪري رهيو آهي، فردوس شميم نقوي حبيب گروپ جو ڊائريڪٽر رهي چڪو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔