اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙ ملازمن شبلي فراز جي گاڏي روڪي ڇڏي، نعريبازي

اسلام آباد: پگهارن ۾ واڌ لاءِ احتجاج ڪندڙ ملازمن وفاقي وزير شبلي فراز جي گاڏي روڪي ڇڏي، ملازمن وفاقي وزير جو گهيرو ڪري شديد نعريبازي ڪئي.اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙ ملازمن حڪومت خلاف شديد نعريبازي ڪئي.شبلي فراز ملازمن کي خاطري ڪرائي ته ايندڙ بجيٽ ۾ سندن پگهار ۾ واڌ ڪنداسين.ملازمن چيو ته حڪومت ايڏي مهانگائي ڪئي آهي، جو ايندڙ بجيٽ تائين زندهه بچي نه سگهنداسين، حڪومت جي پگهار ۾ واڌ ڪنهن به ڪم جي نه هوندي.وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته 95 سيڪڙو ملازمن جي پگهار ۾ واڌ ڪري رهيا آهيون،وڌيڪ مطالبن سان اربين رپين جو خزاني تي بار پوندو. اسلام آباد ۾ ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته گذريل ڏينهن وفاقي ملازم 22 هين گريڊ وارن جي پگهار جو معاملو کڻي آيا هئا.هن چيو ته حڪومت سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ 40 سيڪڙو واڌ ڪري رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔