نيپرا پاران بجلي قيمت ۾ هڪ رپيو 53 پئسا في يونٽ اضافي جي منظوري

اسلام آباد: نيپرا بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 53 پئسا في يونٽ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي، نيپرا ڊسمبر جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمت ۾ اضافو ڪيو ويو.بجلي جي اگهه ۾ هڪ رپيو 80 پئسن جي واڌ جي درخواست جي ٻڌڻي ڪندي نيپرا 27 جنوري 2021 تي ايف سي اَي تي عوامي ٻڌڻي ڪئي.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق بجلي جي اگهه ۾ واڌ جو اثر صرف فيبروري جي مهيني جي بلز تي ٿيندو.نيپرا مطابق بجلي جي اگهه ۾ واڌ کان ڊسڪوز جا سمورا صارفين اثر انداز ٿيندا،فيئول پرائس ايڊجسٽمنٽ ۾ واڌ جو اثر ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي نه ٿيندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔