عمران صاحب سمورو عوام سراپا احتجاج آهي، ڪنهن ڪنهن تي ظلم ڪندئو: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: سنڌ حڪومت اسلام آباد ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندڙ سرڪاري ملازمن تي تشدد جي مذمت ڪندي گرفتار ڪيل ملازمن کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو ، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته عمران خان صاحب ملڪ جو سمورو عوام سراپا احتجاج بڻيل آهي توهان ڪنهن ڪنهن تي ظلم ڪندئو. سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب به ملازمن کي تشدد جو نشانو بنائڻ واري وفاقي حڪومت جي عمل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته عمران خان صاحب ملڪ جو عوان سراپا احتجاج بڻيل آهي ، توهان ڪنهن ڪنهن تي ظلم ڪندا.مرتضيٰ وهاب گرفتار ڪيل ملازمن کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔