ملازمن تي تشدد ووٽ چور ۽ ڪميشن خور حڪومت جي خاتمي جو اعلان آهي: مريم نواز

اسلام آباد: ن ليگ اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته ملازمن تي تشدد، ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال جعلي حڪومت جو ظالماڻو قدم آهي.هن چيو ته سرڪاري ملازمن جون قربانيون عوام دشمن، ووٽ چور ۽ ڪميشن خور حڪومت جي خاتمي جو اعلان آهي.مريم نواز چيو ته پهرين حڪومت آهي جنهن چار ڀيرا مهانگائي ۾ واڌ باوجود 3 سالن ۾ پگهار ۾ هڪ رپيو واڌ نه ڪئي.پ پ اسلام آباد ۾ سرڪاري ملازمن جي احتجاج ۽ مطالبن جي حمايت جو اعلان ڪندي ملازمن تي شيلنگ ۽ وٺ پڪڙ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. نيئر بخاري ۽ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته احتجاج ملازمن سميت هر شهري جو آئيني حق آهي،سليڪٽيڊ حڪومت جو سرڪاري ملازمن سان سلوڪ شرمناڪ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔