سپريم ڪورٽ پاران ميمبرز کي فنڊز جاري ٿيڻ بابت ناڻي وزارت کان سڀاڻي تائين رپورٽ طلب

اسلام آباد: وفاق ۽ چئني صوبن طرفان ميمبرز کي فنڊز جاري نه ڪرڻ جي دعويٰ، سپريم ڪورٽ ميمبرز کي فنڊز جاري ٿيڻ واري معاملي تي ناڻي کاتي جي سيڪريٽري کان سڀاڻي تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي، عدالت وزيراعظم جي سيڪريٽري طرفان جمع ڪرايل جواب کي غير واضح قرار ڏئي ڇڏيو، وزيراعظم طرفان ميمبرز کي فنڊز جاري ڪرڻ بابت نوٽيس تي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل پيش، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته حڪومتي جواب ڪنهن لکيو آهي؟ وزيراعظم جي سيڪريٽري جواب لکيو يا توهان لکيو؟ جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته وزيراعظم به هن معاملي تي جواب ڏئي، چيف جسٽس چيو ته ناڻي کاتي جي سيڪريٽري جو به جواب اچڻ گهرجي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته وفاقي حڪومت جي جواب ۾ عدالت طرفان پڇيل سوالن جا جواب نه آهن، لڳي ٿو وزيراعظم عدالتي فيصلو صحيح نموني ناهي پڙهيو، شايد وزيراعظم فنڊز ڏيڻ لاءِ در کُليل رکڻ جي ڪوشش ڪئي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔