سنڌ اسيمبلي کي دهشتگردي جو خطرو، سيڪيورٽي وڌائڻ لاءِ واڳيل اختيارين کي خط

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اختيارين دهشتگردي جي امڪاني خطري بعد سيڪيورٽي وڌائڻ لاءِ گهرو کاتي، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن کي خط لکي ڇڏيو، خط ۾ سنڌ اسيمبلي جي اختيارين پاران سيڪيورٽي جا موجوده انتظام اڻپورا قرار ڏنا ويا آهن، اسيمبلي اندر ۽ ٻاهر پوليس ۽ ٽريفڪ جا انتظام وڌائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، تازو گرفتار ٿيل دهشتگردن پاران سنڌ اسيمبلي جي عمارت سميت ٻين سرڪاري عمارتن تي حملن جو پلان جوڙيو ويو هو،اهڙي نشاندهي کان پوءِ سنڌ اسيمبلي جي اختيارين پاران آءِ جي سنڌ ڪراچي پوليس چيف ۽ گهرو کاتي جي اختيارين کي خط لکي سيڪيورٽي وڌائڻ جي سفارش ڪئي وئي آھي….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔