جيڪڏهن اوپن بيلٽنگ نه ٿي ته اپوزيشن وارا روئيندا: وزيراعظم عمران خان

راولپنڊي : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ياد رکو، جيڪڏهن اوپن بيلٽنگ نه ٿي ته اپوزيشن وارا روئيندا، ڳجهي ووٽنگ جي تحت حڪومت کي اپوزيشن کان وڌيڪ سيٽون ملي سگهن ٿيون،

راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو آهي ته وڊيو سان منهنجي موقف جي تائيد ٿي آهي، سوال هي نه هجڻ گهرجي ته وڊيو جي ٽائمنگ ڇا آهي، مون وٽ وڊيو هجي هتا ته پنهنجي خلاف ڪيسز ۾ عدالت ۾ پيش ڪيان ها، بلوچستان ۾ سينيٽ جي هڪ سيٽ جو ريٽ 50 کان 70 ڪروڙ روپيا لڳي رهيو آهي، اهو ڪيئن ممڪن آهي ته پيسو لڳائي سينيٽر بڻجڻ وارو پيسا نه ٺاهي،

مون کي به ڪيترائي ڀيرا پئسن عيوض سينيٽ سيٽ وڪرو ڪرڻ جي آفر ٿي، سيٽ وڪرو ڪرڻ لاءِ سڌي ۽ اڻسڌي ريت رابطا ڪيا ويا، هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ هاڻي کان سينيٽ چونڊن لاءِ هڪ ووٽ جي قيمت 50 کان 70 ڪروڙ رُپيا لڳائي پئي وڃي، اصل مسئلو آهي ته موجوده نظام تحت سينيٽ چونڊون ٿيڻ گهرجن يا نه، سينيٽ چونڊن لاءِ ووٽن جي ڪاروبار ۾ وڌيڪ مال مولانا فضل الرحمان ٺاهيو آهي،

پ پ ۽ نواز ليگ سي او ڊي ۾ اوپن بيلٽ جو معاهدو ڪري چڪيون آهن، مون به اوپن بيلٽ تحت سينيٽ چونڊون ڪرائڻ واري مطالبي جي حمايت ڪئي هئي، وزيراعظم جو چوڻ هو ته اپوزيشن جماعتون سينيٽ چونڊن جي ڪرپٽ نظام کي سپورٽ ڪري رهي آهي، فضل الرحمان هن نظام کان سڀني کان وڌيڪ مال ڪمايو آهي، سسٽم تبديل ٿيڻ جا نتيجا ايندڙ ٻن ٽن سالن ۾ سامهون اچي ويندا.

وزيراعظم چيو آهي ته غلط وقت تي 2 برساتون پيون جنهن سان ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ ٿي، اٽي جي قيمت نه وڌي ان ڪري ڪڻڪ ٻاهران گهرائي رهيا آهيون، ڊالر جو ريٽ وڌڻ سان هر شئي مهانگي ٿي، اسان جي ڪوشش آهي ته پنهنجيون شيون وڌايون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔