ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 62 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

اسلام آباد: ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وبا وڌيڪ 62 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن. جڏهن ته 1072 ڄڻا وبا جو شڪار ٿي ويا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 31 هزار 713  ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 82 لک 88 هزار 091 ٿي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ هڪ هزار 072 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 5 لک 57 هزار 591 ٿي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 62 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل مريضن جو انگ گڏيل طور تي 12 هزار 128 ٿي ويو آهي،. اين سي او سي موجب ڪورونا سبب صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 5 لک 14 هزار 951 ٿي ويو آهي. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔