فضل الرحمان جو سافٽ ويئراپ ڊيٽ ٿيڻ کان پوءِ هاڻ فوج مخالف تقرير نظر نه ايندي: فردوس عاشق

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جي تقرير ۾ جيڪو سافٽ ويئر اپ ڊيٽ ٿيو آهي ان ٽيڪنالوجي جو عنصر پي ڊي ايم جي جلسن ۾ نظر ايندو.

فردوس عاشق اعواڻ لاهور ۾ سيف سٽي هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو ۽ مختلف شعبن بابت ڄاڻ حاصل ڪئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته فضل الرحمان جي تڪليف کيس سڪون سان ويهڻ نه ڏيندي. سافٽ ويئر اپ ڊيٽ ٿيڻ کان پوءِ اميد آهي ته ايندڙ جلسن ۾ فوج مخالف تقرير نظر نه ايندي.

هن چيو ته اهو به پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته فوج شاهي خاندان جي لاءِ استعمال ناهي ٿي. حڪومت سينيٽ ۾ اوپن بيلٽنگ جي لاءِ عدالت کان رهنمائي طلب ڪئي آهي پر جعلي راج ڪماري ڇانگامانگا ۾ ضمير جون منڊيون لڳائڻ چاهي ٿي.

فردوس عاشق جو چوڻ هو ته سيف سٽي منصوبي جي افاديت سان انڪار ناهي اهو منصوبو نه شهباز شريف جي کيسي مان ٺهيو ۽ نه ئي اتفاق فائونڊري جي فنڊ سان ٺهيو. منصوبي ۾ گهپلن جي جاچ نيب ۾ هلي رهي آهي. سيف سٽي جو دائرو ريجنل هيڊ ڪوارٽر تائين وڌايو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔