پيپلز پارٽي طرفان اسلام آباد ۾ سرڪاري ملازمن تي پوليس جي تشدد جي مذمت، ملازمن کي جلد آزاد ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي : پيپلز پارٽي طرفان اسلام آباد ۾ سرڪاري ملازمن تي پوليس جي تشدد جي مذمت ڪئي وئي آهي ، سينيٽر شيري رحمان گرفتار ملازمن کي جلد آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڏنڊي ۽ گولي تي هلندڙ حڪومت کي ڳالهيون ڪرڻ جي خبر ئي نه آهي، نااهل حڪومت وفاقي گادي واري شهر کي به جنگ جو ميدان بڻائي ڇڏيو، مهانگائي باوجود حڪومت ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو نه ڪيو، ملازم دشمن حڪومت جي ضِد ملڪگير مظاهرن کي جنم ڏئي رهي آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔