پي آءِ اي ۾ جعلي ڊگري اسڪينڊل تي ٿيل گرفتارين کانپوءِ پهرين ضمانت منظور،

ڪراچي : پي آءِ اي ۾ جعلي ڊگري اسڪينڊل تي ٿيل گرفتارين کانپوءِ پهرين ضمانت منظور ڪئي وئي ، سنڌ هاءِ ڪورٽ پي آءِ اي جي انجنيئر شير اقبال کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايف آءِ اي طرفان انجنيئر شير اقبال کي جعلي ڊگري اسڪينڊل تي گرفتار ڪيو ويو هو، ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته پي آءِ اي شير اقبال کي ملازمت تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي، تنهن هوندي به ايف آءِ اي کيس انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔