اسلام آباد سيڪريٽريٽ ٻاهران احتجاج ڪندڙ سرڪاري ملازمن طرفان وفاقي وزير شبلي فراز جو گهيراءُ

اسلام آباد : اسلام آباد سيڪريٽريٽ ٻاهران احتجاج ڪندڙ سرڪاري ملازمن طرفان وفاقي وزير شبلي فراز جو گهيراءُ، مطالبن مڃڻ ۽ گرفتار ملازمن کي آزاد ڪرڻ لاءِ نعريبازي، ملازمن وفاقي وزير آڏو دانهيو ته جائز مطالبن تي عمل ڪرڻ بدران پوليس اڳواڻن کي گرفتار ڪري وئي آهي، وفاقي وزير شبلي فراز انصاف جي خاطري ڪرائيندي چيو ته پگهار جو مسئلو ايندڙ بجيٽ ۾ حل ڪيو ويندو، جنهن تي ملازمن چيو ته ايندڙ بجيٽ تائين ته اسان جيئرا ئي نه هونداسين، ملازمن طرفان مطالبن جي مڃتاء تائين احتجاج جاري رکڻ جو چتاءُ، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته حڪومت وفاقي ملازمن جي پگهار 40 سيڪڙو وڌائي ڇڏي آهي، هاڻي وري پگهار ۾ وڌيڪ اضافي جو مطالبو ڪيو وڃي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔