سپريم ڪورٽ ذهني طور معذور ٻن قيدين کي مليل موت جي سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ذهني طور معذور ٻن قيدين کي مليل موت جي سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي، قيدي امداد علي ۽ ڪنيزان بيبي کي پنجاب ۾ دماغ جي علاج واري اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم، سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ذهني طور معذور قيدين کي موت جي سزا خلاف اپيلن تي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، هڪ جوابدار غلام عباس جي موت واري سزا خلاف صدر کي ٻيهر اپيل اُماڻڻ جو به حڪم، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته اُميد ته صدر سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ اپيل تي فيصلو ڪندو، وفاق ۽ صوبائي حڪومتن کي ذهني مريض قيدين بابت قانون ۽ جيل رولز ۾ ترميم ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔