سينيٽ چونڊن بابت سامهون ايندڙ وڊيو انتهائي اهم آهي: ڪنور دلشاد

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪنور دلشاد چيو آهي ته سينيٽ چونڊن بابت وڊيو انتهائي اهم آهي ۽ ان معاملي کي آخري انجام تائين پهچائڻ جي لاءِ دستاويزات وڊيو سان گڏ ريفرنس جي تحت داخل ڪرڻو پوندو.

خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي ڪنور دلشاد چيو ته سال 2009 ۾ سينيٽ چونڊن بابت اسان وٽ شڪايت آئي هئي ۽ ان وقت جاچ ڪئي هئي پر ثبوت سامهون ناهن آيا پر هاڻ انتهائي اهميت واري وڊيو سامهون اچي وئي آهي. هن چيو ته عمران خان جو هميشه بيان ايندو رهيو ته سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ ٿيندي آهي.

هارس ٽريڊنگ ۾ ڪروڙين، اربين روپيه ورهايا ويا آهن. هاڻ هن معاملي کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اليڪشن ڪميشن کي سمورن دستاويزن واري وڊيو سان گڏ ريفرنس جي صورت ۾  ۽ 2017 جي اليڪشن ايڪٽ سيڪشن 167 ۽ 170، 169، 168 جي تحت داخل ڪنداسين.

اڳوڻي سيڪريٽري جو چوڻ هو ته هي معاملو رشوت جي زمري ۾ اچي ٿو ۽ اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 170، 169، 168، 167 ۾ لکيل آهي ته جيڪو به رشوت جي ذريعي اليڪشن ۾ مداخلت ڪندو آهي اهو قومي ڏوهاري آهي ان سيڪشنن ۾ لکيل آهي ته اليڪشن ڪميشن ان کي نااهل قرار ڏيڻ سان گڏ 3 سال جي سزا به ڏئي سگهي ٿو.

ڪنور دلشاد چيو آهي ته اهڙن ماڻهن جي خلاف اليڪشن ڪميشن ايف اءِ آر داخل ڪرائڻ جو به مجاز آهي. نااهل قرار ڏنل 5 سالن تائين اليڪشن ۾ حصو نٿو وٺي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔