وزيرستان: اتر وزيرستان ۾ ايمبوليس ۽ ڊمپر ۾ ٽڪرٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿيو
ريسڪيو 1122 موجب ايمبولينس ۾ دل جي مريض کي ميران شاهه کان بنو نيو پئي ويو ته سيدگي جي ويجهو ايمبوليس ڊمپر سان ٽڪرائجي وئي.
ريسڪيو عملدارن موجب حادثي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو، لاشن ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو ويو آهي.