مستحق ماڻهن جي مدد ڪندا رهنداسين: وزيراعظم عمران خان

راولپنڊي: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان مستحق ماڻهن جي مدد ڪندا رهنداسين .

وزيراعظم عمران خان احساس ڪفالت پروگرام جي ٻئي مرحلي جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو اسان غريب ۽ نادار ماڻهن کي صحت ڪارڊ فراهم ڪرڻ جي سهولت ڏينداسين .

هن چيوته نيا پاڪستان هائوسنگ پروگرام تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي ۽ گهرن جي تعمير لاءِ وياج کان سواءِ ئي قرض ڏنو ويندو.

وزيراعظم چيو ته ڪمزور طبقي جي مالي مدد حڪومت جي پهرين ترجيح آهي جڏهن به احساس ڪفالت پروگرام ڪوئي احسان ناهي.

سنڌ بابت ڳالهائيندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسان جي حڪومت اتي ناهي پر اتي غربت گهڻي آهي پر اسان سنڌ  به مستحق ماڻهن جو سوچي انهن کي سهولتون ڏنيون آهن .

عمران خان چيو ته غير مستحق 30 هزار ماڻهن کي ان اسڪيم مان ٻاهر ڪيو ويو آهي ۽ ڪو به نه ٿو چئي سگهي ته احساس پروگرام ۾ رقم جي ورهاست ۾ گهوٻيون هنيون ويون.

هن چيو ته اسان احساس ڪفالت پروگرام ۾ فنڊن جي ورهاست منصفاڻي انداز سان ڪئي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔