سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت واڳيل اختيارين کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ لاپتا ٿيل شهرين جي بازيابي بابت گهرو کاتي، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين واڳيل اختيارين کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي. لاپتا شهرين جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته محمد انور، توفيق ۽ ٻين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.عددالت وفاقي گهرو سيکريٽري کي به سمورن حراستي مرڪزن بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت 2017ع کان لاپتا شهري زاهد حسين ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ درخواستن تي وفاقي سرڪار کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔