ڪراچي جي علائقي بلديه ٽائون ۾ فيڪٽري کي باهه تي ضابطو، متاثر عمارت مان 3 پورهيتن جا لاش ڪڍيا ويا

ڪراچي : ڪراچي جي علائقي بلديه ٽائون ۾ فيڪٽري کي باهه تي ضابطو آندو ويو، متاثر عمارت مان ٽن پورهيتن جا لاش ڪڍيا ويا، فائر برگيڊ اختيارين موجب باهه عمارت جي ٽئين ماڙ تي لڳي، جنهن سبب سڄي عمارت ۾ دونهون ڀرجي ويو، باهه وسائڻ کانپوءِ ڦاٿل ماڻهن جي ڳولا وارو ڪم مڪمل، صوبائي وزير سهيل انور سيال جو متاثر عمارت جو دورو، سندس چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪرائي ويندي، واقعي ۾ فيڪٽري مالڪن يا فائر برگيڊ جي غفلت ثابت ٿي ته قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔