خيبرپختونخواهه ۾ پئسا ڏئي ميمبرن کي خريد ڪيو ويو: مريم اورنگزيب

لاهور: مريم اورنگزيب چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ پئسا ڏئي ميمبرن کي خريد ڪيو ويو. هن پئسن سان ماڻهن جي ضميرن جو سودو ڪيو ويو.

ڪالهه پوري پاڪستاني قوم ڪرپشن جو عالمي رڪارڊ ٽٽندي ڏٺو. جيڪڏهن هي مديني جي رياست هجي ها ته عمران خان جيل ۾ هجي ها. مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب

احتساب عدالت جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته عمران خان جيڪو ٻين کي چور چوندو آهي اهو پاڻ چورن جو سردار آهي ۽ ٻين تي  وڪامڻ جو الزام لڳائيندا آهن ڪالهه پوري قوم ڏٺو ته ڪير وڪاميو آهي. سپريم ڪورٽ جي ٻڌڻي کان هڪ ڏينهن اڳ وڊيو رليز ڪئي وئي.

ٻئي طرف ليگي اڳواڻ احسن اقبال جو چوڻ هو ته احتساب سبب عمران خان جي نفرت، ڪوڙ ۽ الزام آهي. عمران خان نيازي چپڙاسين، جي نالن تي پئسا وٺندو رهيو. جلد عمران خان جا به فالودي وارا سامهون اچي ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔