ملازم بنيادي پگهارن ۾ 40 سيڪڙو واڌ چاهين ٿا، مظاهرين سان رابطي ۾ آهيون: شيخ رشيد

لاهور: گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ملازم بنيادي پگهارن ۾ 40 سيڪڙو واڌ چاهين ٿا مظاهرين سان رابطي ۾ آهيون.

  رپورٽ موجب وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته رات دير سان ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون هيون. ملازمن جي پگهارن ۾ 40 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. ملازم چون ٿا ته بيسڪ پگهار ۾ 40 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي. صوبن جي ملازمن سان نه صرف مرڪز جي ملازمن سان ڳالهيون ڪنداسين.

ٻئي طرف اسلام آباد ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ لاءِ احتجاج کي روڪڻ جي لاءِ پوليس ڪريڪ ڊائون جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ڪيترن ئي ملازمن کي گرفتار ڪري ٿاڻي ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس ڌرڻي جي 7 اڳواڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار ماڻهن ۾ چيف آرگنائيزر آل پاڪستان ايمپلائيز گرينڊ الائنس رحمان باجوه به شامل آهي.

سرڪاري ملازمن کي سيڪريٽريٽ جي گيٽ جي سامهون گرفتار ڪيو ويو. ان کان اڳ پوليس رات دير سان سرڪاري ملازمن جي اڳواڻن جي گهرن مٿان ڇاپا هڻي ڪيترن ئي مزدور اڳواڻن کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو.

سي ڊي اي ليبر يونين جي جنرل سيڪريٽري امان الله، چيئرمين اظهار عباسي ۽ سي ڊي اي ليبر يونين جي جنرل سيڪريٽري کي گذريل رات سرڪاري گهر مان گرفتار ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔