اوپيرا سنگر سائره پيٽر ويلنٽائن ڊي تي نئون گانو..يه زندگي ڪبهي هار نه ماني ..ريليز ڪري ڇڏيو

لنڊن: پاڪستاني ڄائي برطانوي اوپيرا سنگر سائره پيٽر ويلنٽائن ڊي تي نوجوانن لاءِ اڳتي وڌڻ جي جذبي ۽ ڪاميابي جي پيغام سان نئون گانو …يه زندگي ڪبهي هار نه ماني ..ريليز ڪري ڇڏيو ..

سندس وڊيو ۾ عالمي شهرت يافتا رقاص گروپ حصو ورتو ۽ گاني جي موسيقي ناليواري فلمي موسيقار توفيق قريشي ڏني آهي ..سائره پيٽر اهو پارٽي سانگ نوجوانن لاءِ محبت جي عالمي ڏهاڙي تي خاص تحفو ثابت ٿيندو .

سانگ يه زندگي ڪبهي هار نه ماني جي باري ۾ پاڪستان جي پهرين اوپيرا سنگر سائره پيٽر جو چوڻ هو ته مون هن وقت تائين سنجيده گيت ۽ صوفيانا ڪلام گهڻا ڳايا آهن ، پهريون ڀيرو نوجوانن جي پسند کي سامهون رکندي هي گانو رليز ڪيو آهي .

ان گاني جي تيار ڪرڻ ۾ شهرت يافتا فنڪارن حصو  ورتو آهي ..گاني جي وڊيو  عالمي معيار کي سامهون رکيو ويو آهي ، مون کي اميد آهي ته نئين نسل کي اهو گانو ضرور پسند ايندو .موسيقار توفيق قريشي ڪمال جي موسيقي ترتيب ڏني آهي .

مون ڪوشش ڪئي آهي، اهو گانو نوجوانن جون دليون کٽي وٺندو ، ڇو ته موسيقي ٻڌندڙن ۾ سڀني کان وڌيڪ انگ نوجوانن جو آهي جيڪي ڪنهن به گاني کي سپر هٽ ڪرڻ ۾ نهايت وڏو ڪردار ادا ڪندا آهن ، مون پنهنجي نئين گاني ۾ نوجوانن کي پيغام ڏنو آهي ته زندگي رڳو هڪ ڀيروملندي آهي .

اسان مڙني کي ان جو قدر ڪرڻ گهرجي ، ڇو ته زندگي هڪ ڀيرو ئي ملندي آهي ،اميد جو پلئه ڪڏهن نه ڇڏڻ گهرجي ۽ پنهنجي صلاحيتن سان سڄي دنيا ۾ نالو روشن ڪن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔