صحت جي عالمي اداري ڪورونا ويڪسين بابت خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو

جنيوا: صحت جي عالمي اداري پاران ڪورونا وائرس جي نون قسمن جي سامهون اچڻ بعد ان جي روڪٿام لاءِ ٺاهيل ويڪسين جي موثر هجڻ بابت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي.
پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صحت جي عالمي اداري جي سربراهه ٽيڊريس ايڊبانوم غيبريسس چيو آهي ته ڪورونا جي نئين شڪل سامهون اچڻ بعد ڏکڻ آفريقا ۾ ايسٽرزينڪا ويڪسين هڻڻ جو سلسلو معطل ڪرڻ بعد اسان کي ان ڳالهه جو اندازو ڪرڻ گهرجي ته ان وائرس جي ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ هر طرح جا قدم کڻڻا پوندا.
هن ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪورونا وائرس لاءِ موجود ويڪسينز مان ڪا به ڏکڻ آفريقا ۾ سڃاڻپ ٿيل وائرس جي تبديل شڪل ڪاڻ پوريءَ طرح بهتر ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔