شادي کانپوءِ به پنهنجي ماءُ سان ئي گڏ رهنديس:ساره علي

ممبئي: بالي ووڊ اداڪاره ساره علي خان جو چوڻ آهي ته هوءَ شادي کانپوءِ به سندس ماءُ امرتا سنگهه سان گڏ رهندي.
ننڍي نواب سيف علي خان ۽ ماضي جي مشهور اداڪاره امرتا سنگهه جي ڌيءَ ساره علي خان سندس والده جي 63 هين سالگرهه جي موقعي تي کيس مبارڪون ڏيڻ لاءِ فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي مختلف تصويرون شيئر ڪيون.
ان کان پهريان هڪ انٽرويو ۾ اداڪاره ساره علي خان چيو هو ته هوءَ هميشه پنهنجي ماءُ امرتا سنگهه سان ئي گڏ رهندي، ايتري تائين به جو شادي بعد به هوءَ پنهنجي ماءُ جو ساٿ نه ڇڏيندي پر آئون جڏهن ائين چوندي آهيان ته هوءَ ناراض ٿيو وڃي، ڇا شادي کانپوءِ اسان گڏ نٿا رهي سگهون؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔