نيوزيلينڊ ميانمار سان سمورا سياسي ۽ فوجي رابطا معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ويلنگٽن: نيوزيلينڊ ميانمار سان سمورا اعليٰ سطحي سياسي ۽ فوجي رابطا معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري جي رپورٽ موجب وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته نيوزيلينڊ ميانمار جي فوجي اڳواڻن تي سفري پابنديون به لاڳو ڪندو. هن چيو ته ان ڳالهه کي به يقيني بنائينداسين ته ان جي امدادي پروگرام ۾ اهي منصوبا شامل نه هجن جيڪي فوجي حڪومت سان گڏ فراهم ڪيا ويندا آهن.هن چيو ته ان قدمن ۾ سينيئر فوجي شخصيتن تي به سفري پابنديون شامل هونديون. وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن عالمي برادري کان ميانمار ۾ ٿيندڙ واقعن تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ خاص اجلاس گهرائڻ جو به مطالبو ڪيو.واضح رهي ته ميانمار ۾ ڪيتري وقت کان فوج جي حڪمراني هئي ۽ هاڻ جمهوري حڪومت جي اميد پيدا ٿي هئي ته فوج چونڊ نتيجن کي مڃڻ کان انڪار ڪندي بغاوت ڪري سياسي اڳواڻن کي نظر بند ڪري ڇڏيو.هوڏانهن گڏيل قومن، برطانيه ۽ يورپي يونين فوجي بغاوت جي مذمت ڪندي ملڪ ۾ بدامني پکڙجڻ جي خدشي جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔