بائيڊن جو مودي سان ٽيلفون تي رابطو، علاقائي سلامتي تي اتفاق

واشنگٽن: آمريڪي صدر جوبائيڊن ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۾ ٽيليفون رابطي ذريعي علائقائي سلامتي کي مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي.
خابرو اداري رائٽر موجب سفارتڪارن جو چوڻ هو ته ڀارت، آمريڪا، جاپان ۽ آسٽريليا چئن ملڪن جو هڪ گروپ آهي جن کي واشنگٽن چين جي وڌندڙ سياسي، واپاري ۽ فوجي سرگرمين خلاف هڪ ممڪن طور تي بچاءَ جي ديوار طور ڪم ڪرڻ جو ڏس ڏئي رهيو آهي.
بائيڊن گذريل مهيني منصب سنڀالڻ بعد پهريون ڀيرو نريندر مودي کي فون ڪيو هو ۽ چيو هو ته ڀارت ۽ آمريڪا جا لاڳاپا جمهوري قدرن جي گڏيل عزم تحت هڪٻئي سان جڙيل آهن.
وائٽ هائوس هڪ بيان ۾ چيو ته اڳواڻن نيوي گيشن جي آزادي، علاقائي سالميت سميت ٻين معاملن تي سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔