اسلام آباد ۾ وڪيلن جاغيرقانوني چئمبر ڪيرائڻ واري معاملي تي ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار

اسلام آباد : اسلام آباد ۾ وڪيلن جا غيرقانوني چئمبر ڪيرائڻ واري معاملي تي ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي ، سي ڊي اي ايف ايٽ ڪچهري ۾ وڪيلن جا وڌيڪ چئمبرز ڊاهي پٽ ڪرڻ جا نوٽيسز لڳائي ڇڏيا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران پوليس ۽ رينجرز جي اضافي نفري مقرر، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سوڌو ماتحت عدالتون بند رکيون ويون، چيف جسٽس اطهر من الله جي حڪم تي عدالتن ۾ اڄوڪن ڪيسز بابت جاري ٿيل ڪاز لسٽ ڪينسل، گذريل ڏينهن وڪيلن جي احتجاج ۽ هنگامن بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ايندڙ حڪم تائين عدالتون بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ ۾ عدالتون به غير محفوظ آهن، حڪمرانن کي آئين ۽ قانون جي پرواهه نه آهي، ڪنهن جي آفيس يا جاءِ ڪيرائڻ کان اڳ نوٽيسز جاري ڪيا ويندا آهن، حڪومت وڪيلن کي چڙ ڏياريندي ته ردعمل ۾ به اشتعال ئي هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔