فوج جو سياست سان تعلق ناهي ته ٻه هزار ارڙنهن ۾ جيڪو ٿيو ان جو ذميوارڪير آهي: شاهد خاقان

اسلام آباد: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان  عباسي چيو آهي ته فوج جو سياست سان تعلق ناهي ته 2018 ۾ جيڪو ٿيو ان جو ذميوار ڪير آهي.؟

اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته وفاقي گادي واري شهر ۾ امن امان جي صورتحال سڀني جي سامهون آهي ۽ ڪالهه هاءِ ڪورٽ جو واقعو پيش آيو. اڄ ملڪ جي عدالتن جا دروازا به بند ٿي ويا ۽ اهي به غير محفوظ آهن. انهن عدالتن ۾ جيڪي ڪيس آهن ۽ جيڪي فيصلا آهن انهن کي سموري دنيا ڄاڻي ٿي جڏهن ملڪ ۾ آئين ۽ قانون ۽ عدالتن جو اهو حال هوندو ته وڏي ناانصافي هوندي.

شاهد خاقان عباسي گذريل ڏينهن وڪلا گردي جو جواز ڄاڻائيندي چيو ته حڪومت وڪيلن سان تعصب ڪندي ته اڳيان به تعصب ٿيندو. ڪنهن جي آفيس يا ڪابه جڳهه ڪيرائڻ کان اڳ نوٽيس ڏنو ويندو آهي. پهريان ٻڌايو ويندو آهي، آگاهه ڪيو ويندو آهي. جڏهن بنا ٻڌائي بنا نوٽيس جي شيون ڪيرائيندو ته ڪالهه وارو واقعو ڏسي وٺو.

شاهد خاقان عباسي وڌيڪ چيو ته ملڪ جي حڪمرانن کي آئين ۽ قانون جي ڪابه پرواهه ناهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو آهي ته فوج جو سياست سان تعلق ناهي. جيڪو ملڪ ۾ ٿي رهيو آهي 2018 ۾ جيڪو ٿيو ان جي ذميواري ڪنهن تي آهي؟ حڪومت بي شرم ٿي وڃي جڏهن هو عوام جي نمائنده نه ٿئي ته اهوئي ٿيندو آهي جيڪو ملڪ ۾ ٿي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔