ميانمار: فوجي بغاوت خلاف هزارين ماڻهن جو احتجاج

رنگون: ميانمار ۾ فوجي بغاوت خلاف ٽئين ڏينهن به احتجاج جاري رهيو.
پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب راڄڌاني پيٽو ۾ هزارين ماڻهو فوجي بغاوت خلاف رستن تي نڪري آيا ۽ فوجي بغاوت نامنظور جا نعرا هنيا.
احتجاج ڪندڙ ميانمار جي ڊي فيڪٽو آڳواڻ آنگ سان سوچي جي آزادي جو مطالبو ڪيو جڏهن مظاهرو ڪندڙن مٿان پوليس پاران پاني جي توپن جو استعمال ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب پاڻي جي پريشر سان ڪري ڪيترائي مانهو زخمي به ٿيا، احتجاج ڪندڙن جي اپيل تي پوليس پاڻي جي توپن جو استعمال بند ڪري ڇڏيو.
ياد رهي ته هڪ هفتو اڳ ميانمار جي فوج اقتدار تي قبضو ڪري ملڪ جي اڳواڻ آنگ سان سوچي سميت ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔