مافيا احتجاج ڪرائي امن امان جو مسئلو پيدا ڪندي آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي: مافيا احتجاج ڪرائي امن امان جو مسئلو پيدا ڪندي آهي، حڪومت احتجاج ڪندڙن خلاف ڪارروائي نه ڪئي ته عدالت ڪندي، سنڌ هاءِ ڪورٽ حددخلين ۽ غيرقانوني قبضا هٽائڻ لاءِ آپريشن تي احتجاج ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، آبپاشي کاتي جي زمينن تان قبضا ڇڏائڻ بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، آبپاشي وزير سهيل انور سيال ۽ ٻيا عملدار پيش، جسٽس عدنان اقبال چوڌري ريمارڪس ڏيندي چيو ته 2015ع کان ڪيس تي ٻڌڻي هلندڙ آهي، پر اڃا تائين ڪجهه به ناهي ٿيو، شوڪاز نوٽيس تي جمع ڪرايل جواب مان لڳي ٿو ته ڏوهه جو اعتراف ٿيو آهي، جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو ته توهان سڀني کي خبر آهي ته امن امان جي صورتحال ڪير پيدا ڪري رهيو آهي، اها به خبر اٿئو ته اهڙن ماڻهن جي پويان ڪير آهي؟ حددخلين جي خاتمي واري معاملي کي فاسٽ ٽريڪ تي آڻيو، اي جي سنڌ طرفان غيرقانوني قبضن خلاف آپريشن بابت اڳڀرائي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔