سنڌ حڪومت 6 کان 9 سيٽر چنگچي رڪشائن تي پابندي مڙهي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي صوبي ۾ 6 کان 9 سيٽر چنگچي رڪشائن تي پابندي مڙهي ڇڏي، ٽرانسپورٽ کاتي پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته صوبي ۾ 6 کان 9 سيٽر چنگچي رڪشا جي مالڪن وٽ پاس روٽ مرمٽ، فٽسن ۽ ڪاغذ نه هجڻ جي تي سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، 6 کان 9 سيٽرز هلندڙ چنگچي رڪشا غيرقانوني طور تي هلي رهيا آهن. ٽرانسپورٽ کاتي جو چوڻ آهي ته 6 کان 9 سيٽر چنگچي رڪشائن بابت ڪيتريون شڪايتون مليون آهن، ٽريفڪ رواني ۾ خلل وجهڻ جون شڪايتون مليون، رڪشا جي فٽنس نه ٿيڻ ۽ گهٽ عمر جي ٻارڙن جي حادثن جون به شڪايتون مليون آهن، پابندي بابت ٽرانسپورٽ کاتي ڊي آءِ جي ٽريفڪ پوليس ۽ صوبي جي ايس ايس پيز سوڌو رينجنل سيڪريٽريز کي خط لکي ڇڏيو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔