انسٽاگرام تي ڊيليٽ ڪيل پوسٽ ۽ وڊيوز کي واپس آڻيندڙ فيچر متعارف

لنڊن: فيس بڪ جي ملڪيت مشهور فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تازو ئي هڪ اهڙو فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن جي ذريعي صارفين ڊيليٽ ڪيل پوسٽس ۽ وڊيوز واپس آڻي سگهن ٿا.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب انسٽاگرام جو هي نئون فيچر گذريل هفتي سڄي دنيا جي صارفين جي لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن مان صارفين ڊيليٽ ڪيل پوسٽس واپس آڻي سگهن ٿا. انسٽاگرام هن فيچر جي وضاحت ڪندي ٻڌايو آهي ته اڪثر هيڪرز صارفين جي اڪائونٽس مان ان جون پوسٽون ڊيليٽ ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ايپ ۾ ان پوسٽن کي واپس آڻڻ جو ڪو ٻيو آپشن موجود نه هو.هاڻ انسٽاگرام جي هن نئين ريسينٽلي ڊيليٽڊ فيچر جي ذريعي سڄي دنيا جا صارفين ايپ مان ڊيليٽ ڪيل تصويرون، وڊيوز، آءِ جي ٽي وي وڊيوز ۽ ريلز کي ري ڪور يعني واپس آڻي سگهندا.هن فيچر مان فائدو کڻڻ جي لاءِ صارفين کي سڀني کان پهريان انسٽاگرام کي اپڊيٽ ڪرڻو پوندو جنهن کان پوءِ اوهان کي انسٽاگرام جي سيٽنگ ۾ وڃي اڪائونٽ جي آپشن کي کولڻو پوندو. اڪائونٽ جي آپشن ۾ وڃڻ کان پوءِ اوهان کي (ريسينٽلي ڊيليٽ) جو آپشن نظر ايندو جنهن تي ڪلڪ ڪرڻ کان پوءِ اوهان کي ڊيليٽ ڪيل تصوير، وڊيوز، آءِ جي ٽي وي وڊيوز ۽ ريلز نظر اچي ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔